جهالڪي ڍنڍ

جهالڪي ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ، ڳوٺ ماڙي جلباڻي، تعلقي سڪرنڊ ضلعي شهيد بينظير آباد ۾ واقع آهي. هيءَ ڍنڍ انگريز دور تائين عروج تي رهي. هن ڍنڍ جو ذڪر جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ‘پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني’ ۾ ڪيو آهي ته، “پهرين جنوري 1923ع تي صبح جو ماڙيءَ جي ڳوٺ ڪووي ڪليڪٽر نوابشاهه جي منزل هئي.مسٽر عبدالقادر بلوچ مختيارڪار سڪرنڊ، جهالڪي ڍنڍ جي ڪناري تي هڪ جلسو ڪرايو.” انهي حوالي مان ڍنڍ جي اوج جي خبر پئي ٿي. هينئر پاڻي نه هئڻ ڪري ڍنڍ هن وقت پنهنجو اوج وڃائي ويٺي آهي.


لفظ جهالڪي ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو